بيجنگ قدرتي گئس مان بجلي پيدا ڪندڙ چين جو پهريون شهر بڻجي ويو


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۱ مھينو پھريان     ٦۱   بيجنگ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : بيجنگ: چين جي گادي واري شهر بيجنگ قدرتي گئس پيدا ڪندڙ ملڪ جو پهريون شهر بڻجي ويو آهي. ان کي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪندڙ آخري پلانٽ جي پيداوار کي به قدرتي گئس تي منتقل ڪيو ويو آهي. سرڪاري سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق بند ڪيل ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ بيجنگ جو آخري ڪول پاور پلانٽ هو. ان جي پيداوار قدرتي گيس ئي منتقل ڪرڻ سان اهو ڪول پاور فري شهر بڻجي ويو آهي.