سريلنڪا ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽن ميچن واري سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۲۵ مارچ تي کيڏي ويندي


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۴۸   سريلنڪا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : دمبولا: سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ ٽين ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۲۵ مارچ تي دمبولا ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۱_۱ تان برابري تي ختم ٿي وئي هئي. سريلنڪن ٽيم پهرين ميچ ۾ بنگلاديش کي ۲۵۹ رنسن تان شڪست ڏني هئي. ٻي ميچ ۾ بنگلاديشي ٽيم ڪم بيڪ ڪندي ميزبان ٽيم کي ۴ وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۱_۱ تان برابر ڪري ڇڏي هئي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽين ون ڊي ميچ ۲۸ مارچ تي دمبولا ۾ کيڏي ويندي.