ڪوئيٽا: پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي چونڊ، افضل بٽ جي گروپ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۷ ڏينھن پھريان     ۱٦۰   ڪوٸيٽا   پرنٽ ڪيو
پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيندڙ صدارتي اميدوار افضل بٽ ۽ ناٸب صدر خالد کوکر (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪوئيٽا: پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ افضل بٽ گروپ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، چيئرمين اليڪشن ڪاميٽي پاران رات دير سان جاري ڪيل نتيجن مطابق افضل بٽ ۱۸۲ ووٽ کڻي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جو صدر چونڊجي ويو، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل حسين ڪاشف رڳي ٦۱ ووٽ حاصل ڪيا. نائب صدر جي ۴ سيٽن تي سليم شاهد ۱۹۰ ووٽ، بخت زادا يوسفزئي ۱۷۵ ووٽ، خالد کوکر ۱۷۱ ووٽ ۽ امين عباسي ۱٦۲ ووٽ کڻي نائب صدر چونڊجي ويا. جڏهن ته نائب صدر جي ٻين اميدوارن عطا المصطفيٰ ۵۳ ۽ ظفر اقبال ٦ ووٽ کنيا. فنانس سيڪريٽري لاءِ وسيم فاروق شاهد ۱۵۲ ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل نعيم حنيف ۷۷ ووٽ کڻي سگهيو، اهڙي ريت اسسٽنٽ سيڪريٽري جي ۴ سيٽن تي عبدالخالق ۱۷٦، چوڌري ياسر جٽ ۱۷۱، لالا اسد پٺاڻ ۱۷۰ ۽ راجا هارون ۱٦٦ ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته نواز طاهر رڳي ۷٦ ووٽ حاصل ڪيا. ٻئي پاسي ايف اي سي جي ۲۵ سيٽن لاءِ ۵۵ اميدوار هئا، ان ۾ راڻا شفيق خان پسروري ۱۵۷ ووٽ، عامر سجاد سيد ۱٦۰ ووٽ، افضل بلوچ ۱۹۵ ووٽ، اشرف خان ۱٦۳ ووٽ، بنارس خان ۱۷۳ ووٽ، ابراهيم خان ۱۷۲ ووٽ، احسان الحق ۱۷٦ ووٽ، جاويد اصغر ۱۴۸ ووٽ، جاويد صديقي ۱۴۳ ووٽ، لالا رحمان سمون ۱۵۴ ووٽ، لياقت علي خان ۱۴۴ ووٽ، قربان ستي ۱۵۸ ووٽ، ميان عابد رضا ۱۵۷ ووٽ، ناصر ملڪ ۱۹۴ ووٽ، ناصر زيدي ۱۹۲ ووٽ، نيئر علي ۱٦۳ ووٽ، راڻا نويد ۱٦۰ ووٽ، راشد عزيز هاشمي ۱۴٦ ووٽ، سحرش کوکر ۱٦۱ ووٽ، سردار شفيق احمد ۱٦۰ ووٽ، شهزادا ذوالفقار ۱۷٦ ووٽ، شڪيل احمد ۱۵۳ ووٽ، صديق چوڌري ۱۵۸ ووٽ، سيد بخار شاهه ۱٦۷ ووٽ ۽ طارق محمود ۱٦۱ ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي.