سنڌ طاس معاهدو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي: خواجا آصف


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ٦۵   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو
خواجا آصف اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪ ڀارت انڊس واٽر ڪمشنرز وچ ۾ ڳالهين ۾ ۳ تڪراري ڊيمن جي تعمير ۽ ٻوڏ واري پاڻي جو ڊيٽا فراهم ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، سنڌ طاس معاهدو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته سنڌ طاس معاهدي تي ڳالهيون ۲۰۱۵ع کان تعطل جو شڪار هيون، حڪومتي ڪوششن سان سنڌ طاس معاهدي تي ڳالهين جي ٻيهر شروعات ٿي آهي، پاڪ ڀارت واٽر انڊس ڪمشنرز ڳالهين ۾ ڀارت ۾ تعمير هيٺ ۳ تڪراري ڊيمن پڪل دل، لوئر مڪنائي ۽ مايار جي ڊزائين تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، ان کان سواءِ ٻوڏ جي پاڻي جي اڳواٽ اطلاع ۽ ان حوالي سان ڊيٽا فراهم ڪرڻ بابت معاملا بحث هيٺ رهندا، جڏهن ته ايندڙ اجلاسن جي تاريخن تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي، خواجا آصف ٻڌايو آهي ته ماضي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪشن گنگا سميت ٻين مسئلن جي حل ۾ تمام وڌيڪ دير ڪئي وئي، جنهن سان اسان جي مفادن کي نقصان پهتو ۽ ان دير سبب جڏهن اهو معاملو عالمي ثالثي عدالت ۾ اٿاريو ويو ته اسان جي پوزيشن ايتري مضبوط نه هئي جيتري هجڻ گهرجي ها، سنڌ طاس معاهدي تي عمل ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي ۽ اسان ڪشن گنگاڊيم جي حوالي سان ثالثي عدالت جي فيصلي تي زور ڏئي رهيا آهيون، هن وڌيڪ چيو آهي ته ڀارت جي رتلي ڊيم جي ڊزائن جي حوالي سان ڏيڊ سال دوران تمام گهڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ هاڻي اسان ان تڪراري ڊيم جو ڊزائن تبديل ڪرائڻ جي پوزيشن ۾ آهيون، ڊيم جي تعمير سنڌ طاس معاهدي موجب ٿيڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان ۱۲ اپريل تي آمريڪا ۾ ڳالهيون ٿينديون، جنهن ۾ اسان پنهنجي مفادن جو پهريون تحفظ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هونداسين، ڇو ته اسان جا مطالبا ۽ خدشا سنڌ طاس معاهدي جي عين موجب آهن.