دبئي ۾ پاڪستاني شهري قتل


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۴۷   دبٸي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : دبئي: دبئي ۾ ۲ ماڻهن ڇرا هڻي پاڪستاني شهري کي قتل ڪري ڇڏيو. گڏيل عرب امارات مان ڇپجندڙ اخبار خليج ٽائمز مطابق ٻن ماڻهن جن جون عمرون ۲۷ سال آهن. ۲۱ سالن جي پاڪستاني ڪارپينٽ کي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جي ڪري هو مري ويو، حملو ڪندڙ موقعي کان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس مطابق متاثر شخص جي هڪ دوست ۳۱ سالن جي هجم ٻڌايو ته ۲ ماڻهو عربي ڳالهائي رهيا هئا انهن منهنجي دوست کي مارڻ شروع ڪيو، جڏهن ته مقامي ماڻهن انهن کي سڃاڻي ورتو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي ۹ اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.