معاشي بهتريءَ لاءِ نجي بئنڪن جو ڪردار اهم آهي: اشرف محمود وٿرا


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۵۰   ڪوٸيٽا   پرنٽ ڪيو
اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر اشرف محمود وٿرا (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڪوئيٽا: اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اشرف محمود وٿرا چيو آهي ته معاشي بهتري ۾ نجي بئنڪن جو اهم ڪردار آهي، نجي بئنڪون اسٽيٽ بئنڪ سان ڀرپور سهڪار ڪري رهيون آهن، پاڪستان ۾ جعلي ڪرنسي نوٽن جي شرح خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، اسٽيٽ بئنڪ جا معاملا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا پيا وڃن، صوبي ۾ قائم سڀني بئنڪن کي ۳ سالن واري بزنس پلان تشڪيل ڏيڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن ۽ هاڻوڪي بئنڪن کي برانچز ۽ اي ٽي ايم مشينن جو انگ وڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي مقامي هوٽل ۾ رٿيل هڪ اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ۲۲ ڪمرشل بئنڪن جي سربراهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پي ڊي اي جي صدر ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته سڀني بئنڪن جي صدرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته بلوچستان جي سڀني ضلعن ۾ برانچ کوليا وڃن ته جيئن بئنڪنگ جي بزنس کي هٿي وٺرائي سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بئنڪ ۽ کاتيدارن ۾ ويجهن رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن. بزنس اينڊ سمال انٽرپرائيزس کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته بيروزگاريءَ ۾ گهٽتائيءَ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ان حوالي سان سڄي بلوچستان ۾ نجي بئنڪن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجون برانچون مقامي سطح تي کولين ۽ مقامي اميدوارن کي ترجيحي بنيادن تي مقرر ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اقتصادي ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ نجي بئنڪون اسٽيٽ بئنڪ سان ڀرپور سهڪار ڪري رهيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ جعلي ڪرنسي نوٽن جي شرح خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. ملڪ ۾ مختلف چيمبرز آف ڪامرس جي عهديدارن سان ملي ڪري معاشي ترقيءَ لاءِ پاليسيون جوڙينداسين.