جوهي ۽ ڀرپاسي بجلي جو ڊگهو بريڪ فال، واپار کي ڪاپاري ڌڪ، متاثرن جو احتجاج


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۴۴   جوھي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   مشتاق رودناڻي  : جوهي ۾ سيپڪو گردي چوٽ چڙهي وئي آهي، حاجي خان فيڊر تي ۲۲ ۽ جوهي سٽي ۾ ۱٦ ڪلاڪ هٿرادو لوڊشينڊنگ ڪري سيپڪو عملي واپارين ۽ دڪاندارن جو ڪاروبار تباهه ڪري عوام کي آزار ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ڪارخانيدار سيٺ عبداللطيف پنهور، يامين کوسو، يو_سي جوهي ۲ جي وائيس چيئرمين جهنڊو خان لغاري، امين وگهيو، دستگير رند، سنڌي ٻٻر جي اڳواڻي ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين ڳوٺن مان مارچ ڪري جوهي پهتا، جتي شهيد مخدوم بلاول پارڪ کان وري ڪارخانن تي ڪم ڪندڙ مزدور، دڪاندار ۽ وڏي تعداد ۾ شهرين گڏجي سپيڪو عملي جي ڏاڍاين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بشير ٿهيم روڊ تي هڪ ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن بعد وري احتجاج ڪندڙن جوهي پريس ڪلب پهچي هٿرادو لوڊشينڊنگ خلاف ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ان موقعي تي سيٺ عبدالطيف پنهور، جهنڊو لغاري، امين وگهيو ۽ ٻين چيو ته سيپڪو جوهي جي ايس ڊي او توڙي ورهين کان جوهي ۾ مقرر ڪرپٽ عملي ڊي فٽنگ ڪري حاجي خان فيڊر تي ۲۴ ڪلاڪن ۾ رڳو ۲ ڪلاڪ بجلي هلائن پيا، لطيف پنهور چيو ته اسان جا ڪارخانا هٿرادو لوڊشينڊنگ ڪري بند ڪري ڪاروبار کي تباهه ڪيو ويو آهي، سيپڪو عملو هر مهيني بجلي چوري ڪرائي تعلقي مان هڪ ڪروڙ کان مٿي منٿلي وٺي ٿو. احتجاج ڪندڙ مزدورن چيو ته ڪارخانا بند هجڻ ڪري اسان بيروزگار بڻجي ويا آهيون، شام جو مايوس ٿي گهر موٽي وڃون ٿا، ٻچن جي لاء اٽو وٺڻ جيتري به وصيت ناهي. شهرين چيو ته سٽي فيڊر تي به سيپڪو عملي غير قانوني طور ۱٦ ڪلاڪ بجلي بند ڪري شهرين کي سور ڏئي ڇڏيا آهن، ماڻهو پيئڻ جي پاڻي ڀرڻ لاءِ پريشان آهن، جڏهن ته ڏينهن جو بجلي بند هجڻ ڪري دڪاندارن جو ڪاروبار تباهه ٿي ويو آهي، رات جو وري شهرين جو آرام تباهه ٿي ويو آهي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته سيپڪو جي ڪرپٽ عملي حاجي خان فيڊر سميت سٽي ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشينڊنگ ختم نه ڪئي ته خميس جي ڏينهن سيپڪو گردي خلاف وڏو ڌرڻو هڻڻ سان گڏ عدالت جو در پڻ کڙڪايو ويندو.