جوهي ۾ “جاڳرتا فورم” پاران وڇري ويل سياسي سماجي ڪارڪنن کي ڀيٽائون پيش


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۱۱۲   جوھي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   مشتاق رودناڻي  : جوهي: جوهي ۾ “جاڳرتا فورم” طرفان جوهي ۽ ڪاڇي ۾ سڄي زندگي مسيڪن ماڻهن لاءِ جدوجهد ڪندڙ مختلف پارٽين جي وڇڙي ويل سياسي ڪارڪنن، ڪامريڊ محمد حسن رستماڻي، بشير ٿهيم، اڪبر جسڪاڻي، حاجي ميرل باهوٽو، احمد خان مدهوش،اڪبر رند، اعظم رند، عطاءُ الله ٿهيم، بخت جمال، سومرو، دين محمد ٿهيم،سلطان ٻٻر، غفور ٿهيم، رمضان ڪوري،سڪندر لنڊ ۽ ٻين وڇڙي ويل جوهي جي جوڌن جي گڏيل ورسي ملهائي وئي. ورسي تقريب کي خطاب ڪندي کاٻي ڌر جي اڳواڻ ۽ دانشور منظور ٿهيم چيو ته جيئن علي بابا چوندو هو ته سنڌو درياءَ زمين تي نه پر منهنجي رڳن ۾ وهي ٿو، ايئن ئي جوهي به منهنجي رڳن ۾ شامل آهي. هن چيو ته اڪبر جسڪاڻي سڀني دوستن کي سياسي ۽ ادبي شعور ڏنو، جڏهن ته بشير ٿهيم سميت جوهي جي جوڌرن هر ڏکي دور ۾ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هن چيو ته هاڻي پارٽين ۾ وڏيرا شاهي سبب غريب جي ٻار کي سياسي طور اڳتي وڌڻ نٿو ڏنو وڃي، اسان جي اندر ۾ ويٺل وڏيرو اسان کي اڪبر جسڪاڻي ٿيڻ نٿو ڏي، هاڻي ماڻهن جا آئيڊيل سياسي ماڻهو نه پر وڏيرا ٿي ويا آهن. انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڊاڪٽر اشو ٿاما چيو ته موقعي پرست ماڻهو اڳيان آهن، پر جوهي وارن کي شابس آهي، جو انهن پنهنجي هيرن کي ياد ڪري ڀيٽا پيش ڪئي. هن چيو ته قلم ويڪائو هجڻ ۽ سياست ۾ موقعي پرستي سبب اسان جا اصل هيرو گمنام ٿي ويا آهن، سرڪاري سطح تي رڳو انهن ماڻهن کي اهميت ڏني پئي وڃي، جيڪي پئسا وارا ۽ جاگيردار آهن. تقريب کي پي ٽي آءِ سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري سردار ارشاد ساند چيو ته جوهي وارن پاران پنهنجي هيرن کي سلام پيش ڪرڻ سبب اتساهه مليو آهي، مان به پنهنجي پارٽي پليٽ فارم تان مختلف ضلعن ۾ اهڙا پروگرام ڪرائيندس. عوامي تحريڪ اڳواڻ شينهن رند چيو ته ظالم وڏيرن ۽ ڀوتارن خلاف جدوجهد جو علم بلند ڪرڻي ووٽ تبديلي لاءِ ڏيڻو پوندو. حيدرآباد جي سينيئر صحافي محمد زمان جمالي چيو ته جوهي واسين پنهنجي جوڌن کي سرخ سلام پيش ڪندي ڏسي دل چئي ته منهنجو جنم جوهي ۾ ٿئي ها، جنهن ڏينهن اسان گڏجي اٿياسين ته تبديلي اچي ويندي. پ پ (ش ڀ ) جي هاشم کوسو چيو ته حسن رستماڻي جي ڪري ڀٽي جوهي کي بجلي ڏني. هاشم کوسو. ٽائون ڪاميٽي جوهي جي اڳوڻي چيئرمين حاجي ميرل باهوٽي جي پٽ شمن باهوٽو ڇيو ته جوهي ٽائون ڪاميٽي ۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ گهٽ بجيٽ هجڻ بعد به خوشحال هئي، سنڌالاجي کي فنڊ ڏيندي هئي. بشير ٿهيم جي پٽ مرتضيٰ بشير ٿهيم چيو ته اسان اهڙا ٿيون جو اسڀاڻي اسان کي به ڪير ياد ڪري. تقريب کي پي ٽي آءِ ضلعي دادو جي صدر احمد جمالي، پ پ جي ذوالفقار جمالي، عوامي اتحاد جي امين وگهيو، حيدر سيال، هارون پنهور. جاڳرتا فورم جي شوڪت باهوٽو، يونس سولنگي، عالم رودناڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.