ڊيرا غازي خان ۾ ۳ ڄڻا قتل، لاش سنڌو درياهه ۾ اڇلايا ويا


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ ڏينھن پھريان     ۷۱   ڊيرا غازي خان   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : ڊيرا غازي خان: ڊير غازي خان ۾ ۳ ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ لاش سنڌو درياءَ ۾ اڇلايا ويا آهن، پوليس درياءَ ڪناري تان لاش هٿ ڪري ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، جتي انهن جو پوسٽ مارٽم ٿيو، پوليس ميونسپل ڪارپوريشن جي مدد سان مڙهن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب اڏا قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪرائي ڇڏيا، ڪيس داخل ڪري وارثن جي تلاش شروع ڪري ڇڏي.