ٽرمپ جي چونڊ مهم ۽ روس وچ ۾ ڳجهن رابطن جو ڪوبه ثبوت ناهي مليو: انٽيليجنس ڪاميٽي جو سربراهه


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ ڏينھن پھريان     ۳۱   واشنگٽن   پرنٽ ڪيو
ڊيون نونس (فاٸيل فوٽو)

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : واشنگٽن: آمريڪي ايوان نمائندن جي انٽيليجنس ڪاميٽي جي سربراهه چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم ۽ روس وچ ۾ ڳجهن رابطن جو ڪوبه ثبوت ناهي مليو، ڊيون نونس آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ۾ چيو ته هن کي ان حوالي سان ڪوبه ثبوت ناهي مليو ته صدارتي چونڊن دوران ٽرمپ جي ٽيم ۽ روس جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جا ڳجها رابطا هئا، ٻئي پاسي انٽيليجنس ڪاميٽي ايف بي آءِ اي جي سربراهه جيمز ڪومي کي طلب ڪري رکيو آهي، جنهن کان ان حوالي سان وڌيڪ سوال ڪيا ويندا، ان کانسواءِ صدر ٽرمپ پاران باراڪ اوباما تي ان جي فون ٽيپ ڪرڻ جي الزامن جو به جائزو ورتو ويندو.