بدين ۾ شمشيرالحيدري اڪيڊمي پاران صادق فقير جي ۵۴ هين سالگرھ ملهائي وئي


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۹   بدين   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   تنوير احمد آراٸين  : بدين پريس ڪلب ۾ شمشيرالحيدري اڪيڊمي پاران سنڌ جي مهان راڳي فنڪار صادق فقير جي ۵۴ هين سالگرھ ملهائي وئي سالگرھ جو ڪيڪ اڪيڊمي جي صدر پورهيت اڳواڻ ۽ اديب مير بليدي موسيٰ جوکيو شوڪت ميمڻ مجيد ملاح مجاهد خواجا شڪور ميمڻ خادم ٽالپر سميت وڏي تعداد ۾ صادق فقير جي دوستن ڪاٽيو سالگرھ واري تقريب کي خطاب ڪندي مير بليدي چيو ته صادق فقير جي شخصيت سدا بهار رهي آهي. هن پوري سنڌ مان محبتون ميڙيون ۽ ورهايون صادق فقير پوري دنيا مان پنهنجي فن ذريعي مڃتا ماڻي خادم ٽالپر چيو ته هُن پنهنجي ڪلا ذريعي دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ سنڌ ۽ ٿر جي فن ذريعي سڃاڻپ ڪرائي اڃ به هُن جا لکين چاهيندڙ موجود آهن شوڪت ميمڻ چيو ته صادق فقير عظيم انسان هو ٿر جي وري ڀومي مان جنم وٺي سڄي سنڌ کي خوشبودار بڻايوتريب کي شڪورميمڻ شفيع دل ميرلکي ٽالپر سميت وڏي تعداد ۾ اڳوڻن شرڪت ڪئي ۽ خطاب پڻ ڪيو