بدين ۾ باهه لڳڻ سبب ۲ گهر سڙي رک، متاثر پورهيتن پاران مدد جي اپيل


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۳۰   بدين   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   تنوير احمد آراٸين  : بدين ويجھو ڳوٺ مهراب مُراداڻي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳڻ ڪري ۲ گھر سڙي رک ۾ تبديل ٿي ويا، جمن ۽ دلاور سومرو جي گھرن کي لڳل باهه سبب گھرن ۾ پيل بسترا کٽون ڪپڙا اناج ۽ ٻيوسامان سڙي رک ۾ تبديل ٿي ويو، غريب پورهيتن جي گھرن کي لڳل باھ بعد پورهيت خاندان کلي آسمان هيث بي يارومدد گار ويٺل آهن.