سپريم ڪورٽ پنجاب پوليس جي آئوٽ آف ٽرن پروموشن هولڊر ۸ آفيسرن جو سروس رڪارڊ طلب ڪري ورتو


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ ڏينھن پھريان     ۴۴   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پنجاب پوليس جي آئوٽ آف ٽرن پروموشن هولڊر ۸ آفيسرن جو سروس رڪارڊ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ سومر ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، سومر ڏينهن پوليس آفيسرن جي آئوٽ آف ٽرن پروموشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪئي، ٻڌڻي دوران خواجا هارٽ ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو آهي ته عدالتي فيصلي تي عمل ڪندي ۸ آفيسرن جي آئوٽ آف ٽرن پروموشن واپس ورتا ويا آهن، گهرو کاتي پوليس آفيسرن محمد عمر ورڪ، رانا شاهد پرويز، اويس ملڪ ۽ اعجاز شفيع جي ترقي جو نئين سر جائزو وٺڻ جو چيو آهي، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ آئوٽ آف ٽرن پروموشن وٺندڙ ۸ آفيسرن جو سروس پروفائل رڪارڊ طلب ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ايندڙ سومر ڏينهن ملتوي ڪري ڇڏي آهي.