خيرپور ناٿن شاهه ۾ ٻٻر برادري جو پوليس خلاف احتجاج، عورت پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۳۱   خيرپور ناٿن شاھ   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   عبدالغفار چانڊيو  : خيرپور ناٿن شاهه جي نيو آباد ڪالوني جي رهواسين ٻٻر برادري جي مردن، عورتن ۽ ٻارڙن ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ پوليس خلاف احتجاج ڪندي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جا ڪارڪنن به شريڪ هئا. ڌرڻي ۾ شريڪ ايس ٽي پي ڪارڪن ۽ ٻٻر برادري جا ماڻهو ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي صحافين اڳيان دانهيندي غلام محمد ٻٻر، حاجي شبير ٻٻر، ماجد ٻٻر، مسمات مريم ٻٻر ۽ ٻين چيو ته ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه پوليس قمبراني برادري جي ونگار وهندي گذريل رات دير سان گهر ۾ ڌاڙيلن جيا داخل ٿي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي عورتن ۽ ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ گهر اندر ڀڃ ڊاهه ڪئي، ۽ اسان کي گهر مان ٻاهر ڪڍي قمبراڻي برادري جي ماڻهن کي گهر اندر ويهاري قبضو سندن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته گهر جي هيٺان مينهن جو واڙو آهي، جنهن ۾ ۱۵ کان وڌيڪ ڀلوڙ مينهون موجود آهن، جنهن تي پڻ قمبراڻي برادري جي ماڻهن پوليس جي معرفت قبضو ڪيو آهي، ۽ مال جي واڙي اندر خانگي هٿياربند ويهاريا ويا آهن، هنن چيو ته پوليس گهر اندر موجود گهر ڀاتين کي به کنڀي کڻي وئي، جن مان هڪ گهر ڀاتي لطيف ٻٻر اڃا تائين لاپتا آهي، جڏهن ته ٦ ڄڻن مٿان رشوت عيوض ڪوڙا ڪيس داخل ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هنن چيو ته پوليس جي تشدد سبب ثمينه زال نديم ٻٻر پڻ سخت زخمي ٿي پئي آهي، پوليس جي اسان سان تمام وڏي زيادتي ڪئي آهي، جڏهن ته احتجاج دوران مسمات مريم پاڻ مٿان پيٽرول هاري پاڻ کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس وارثن ۽ شهرين بچائي ورتو، هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ پوليس جي ناانصافي جو نوٽيس وٺي گهر تان قبضو ختم ڪرايو وڃي، جڏهن ته ايس ٽِي پي اڳواڻ فقير علي حسن جانوري، تنوير زنگيجو، احمد منير عباسي ۽ ٻين ٻٻر برادري جي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي، ۽ ساڻن انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.