نوشهرا ۾ پراڻي تڪرار تان جوابدارن فائرنگ ڪري ۴ ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ ڏينھن پھريان     ۳۹   نوشهرو   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : نوشهرا: نوشهرا جي ڀريل بازار ۾ پراڻي دشمني تي جوابدارن فائرنگ ڪري ۲ دڪاندارن سميت ۴ ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس ۴ ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، پوليس موجب چراٽ جي علائقي سپين خاڪ جي بازار ۾ ۴ جوابدارن ڇتي فائرنگ ڪري ڇڏي ۽ فرار ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ۲ دڪاندارن سميت ۴ ڄڻا مارجي ويا، دڪاندارن جي سڃاڻپ سرتاج ۽ لال سيد جي نالن سان ٿي آهي، پبي پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو پراڻي دشمني جي سبب پيش آيو، لاشن کي پبي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فرار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.