مديجي ۾ سورهيه بادشاهه جي ۷۵ هين ورسي پريس ڪلب پاران ملهائي وئي


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۱ ھفتو پھريان     ۲۸   مدٸجي   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ايوب بروھي  : مديجي: وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جو نعرو ڏيندڙ پير سيد صبغت الله شاهه راشدي (سورهيه بادشاهه) جي ۷۴ ورسي پريس ڪلب مديجي پاران ملهائي وئي، جنهن ۾ صحافين، ليکڪن، دانشورن سول سوسائٽي سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب ۾ شامل اڳواڻن دانشور مقصود احمد مڱريو، پريس ڪلب جي صدر وحيد جوکيو، ايوب بروهي، آغا عبدالنبي دراني، سورهيه ميراڻي ۽ ٻين شهيد سورهيه بادشاهه کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه سامراجي قوتن آڏو پنهنجي وطن جي آزادي لاء وڙهندي وطن يا ڪفن آزادي يا موت جو ڏنو، هنن چيوته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي هن عظيم ۽ بهادر اڳواڻ جي شهادت تي ۲۰ مارچ عام موڪل جو اعلان ڪرڻ گهرجي، هنن چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه ان وقت جي سامراج سان مهاڏو اٽڪائيندي جام شهادت پي امر بڻجي ويو. تقريب جي آخر ۾ سنڌ جي خوشحالي لاء دعا پڻ گهري وئي.