سيوهڻ سانحي ۾ شهيد ٿيل نوري آباد واسي ۱۲ ڄڻن جو چاليهو، ڪنهن به چونڊيل نمائندي شرڪت نه ڪئي


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ ڏينھن پھريان     ۱٦۹   نوري آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   عبدالعزيزپالاري  : نوري آباد: سيوهڻ ۾ حضرت لعل قلندر شهباز جي روضي ۾ ٿيل خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل نوري آباد واسي ۱۲ ڄڻن جي چاليهي جون رسمون ادا ڪيون ويون. ڪنهن به چونڊيل نمائندي شرڪت نه ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير جي نوري آباد آمد باوجود شهيدن جي تڏي ته نه وڃڻ تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ پاران مذمت. رپورٽ موجب هڪ مهينو اڳ سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز جي درگاھ تي ٿيل خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل نوري آباد واسي ۱۲ ڄڻن عطاءِ الله عرف مينگل پالاري، شبير ولد ابراهيم پالاري، ميرزادي، ظهوران، زينب زال شمس الدين، سمرين زال قمر، راڄ ٻائي ڌي گل جان پالاري، اڪان، مرادي زال امتياز، سائرا ۽ بوبا زال چينسر پالاري جون چاليهي جون رسمون ڳوٺ نواب پالاري ۽ ڳوٺ ابراهيم پالاري ۾ ادا ڪيون ويون. شهيدن جي چاليهي ۾ علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته تڪ مان چونڊيل ڪنهن به نمائندي شرڪت نه ڪئي. سيوهڻ سانحي کي هڪ مهينو گذرڻ باوجود سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت اڃا تائين شهيدن جي وارثن جي مالي مدد نه ڪئي آهي. هوڏانهن آچر ڏينهن تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي نوري آباد ۾ موجودگي باوجود شهيدن جي تڏي تي نه وڃڻ تي سياسي سماجي اڳواڻن سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪوهستان عوامي اتحاد جي مرڪزي صدر محمد بخش مري، نواز ليگ اڳواڻ جي ايم ڪوهستاني، جسقم اڳواڻ مهراڻ پالاري، جست اڳواڻ عالم ديشي، پ پ ش ڀ جي اڳواڻ ڊاڪٽر لکمير پالاري ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي نوري آباد ۾ آمد باوجود شهيدن جي تڏي نه وڃي ثابت ڪيو آهي ته حڪمرانن کي عوام سان ڪا به همدردي ناهي. اهي رڳو پنهنجي ڪرپشن بچائڻ ۾ مصروف آهن. هنن چيو ته سانحي کي هڪ مهينو گذرڻ باوجود حڪمران شهيدن جي وارثن جي سار پڻ لهڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن.