هنڱورجا ۾ سورهيه بادشاهه جي ۴۷هين ورسي ملهائي وئي


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ مھينا پھريان     ۷۷   هنڱورجا   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :    غلام حسين چانگ  : هنڱورجا: شهيد سورهيه بادشاه جي ۷۴ هين ورسي سوڀوديرو ۾ ملهائي وئي ورسي جلسي ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت .شهيد سورهيه بادشاهه کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو جلسي کي فنڪشنل مسلم ليگ جي صوبائي اڳواڻ پير سيد اسماعيل شاهه راشدي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان کي فخر آهي، سورهيه بادشاه جي وارث هجڻ تي اسان جي وڏن اڳ به قربانيون ڏنيون هاڻي به وقت آيو ته اسان پوئتي نه هٽنداسين ملڪ ۾ ڪيترائي خاندان آهن جن کي سر خانصاحب جا خطاب مليا هن چيو ته وفاق تي پانا ما ڪيس هلن ٿا ملڪ سڄي دنيا ۾ بدنام ٿي چڪو آهي اسان ملڪ جي سالميت تي ڪڏنهن به پوئتي نه هٽنداسين جان ڏينداسين هن چيو ته زرداري لٽيرو آهي جنهن ملڪ کي لٽيو آهي اڃان به ان جو پيٽ نه ٿو ڀرجي هن چيو ته سيوهڻ ۾ بم ڌماڪو ٿيو لاشن جي بي حرمتي ڪئي وئي بلاول ڀٽو زرداري سياست ۾ فيل ٿي چڪو آهي درازا ۾ اسان جي مٿان حملو ڪيو ويو ۱۱ ماڻهون شهيد ڪيا ويا اسان سان اڄ تائين انصاف نه ٿيو بلدياتي چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌليون ڪيون ويو ان باوجود گمبٽ ميونسپل اسان کٽي ڏيکاريندسين. هن چيو ته پي پي پي کي پنجاب ۾ ڪجهه به نه ملندو اهڙو خواب ڏسڻ بند ڪيو وڃي هن چيو ته شهيد سورهيه بادشاه جي ورسي هاڻي هر شهر ۾ ملهائينداسي.