سيوهڻ سانحو: سرڪار درگاهه کي زائرين لاءِ مڪمل طور کولڻ ۾ ناڪام، شهيدن جو چاليهو، درگاهن جي گادي نشينن جي شرڪت


 سومر ۲۰ مارچ ۲۰۱۷    ۲ ڏينھن پھريان     ۱۷۰   سيوھڻ شريف   پرنٽ ڪيو
سيوھڻ ۾ پاڪستان مشائخ علماءِ ڪائونسل اتحاد اڳواڻ شھيدن جي چاليھي واري تقريب کي خطاب ڪندي

رپورٽ :   اشرف عطار  : سيوهڻ: سيوهڻ سانحي کي ۴۰ ڏينهن ٿي ويا آهن پر سرڪار درگاهه کي زائرين لاءِ مڪمل طور تي کولڻ ۾ ناڪام وئي آهي، سيوهڻ سانحي جي چاليهي تقريب ۾ پاڪستان مشائخ علماءِ ڪائونسل اتحاد جي مرڪزي صدر وقار شاهه لطيفي، جنرل سيڪريٽري پير مجدد، چاليهي جي تقريب جي ميزبان ۽ درگاهه قلندر لعل شهباز جي سجاد نشين ڊاڪٽر مهدي رضا شاهه سميت ۴۰ درگاهن جي گادي نشينن مطالبو ڪندي چيو ته وڏي ڏک سان چوڻو پوي ٿو ته سيوهڻ سانحي کي پنج هفتا گذرڻ باوجود درگاهه جو رڳو ڌمال ڪوٽ وارو حصو کلي سگهيو آهي ۽ درگاهه جو سوني دروازي وارو حصو اڃا به مڪمل طور سيل آهي ۽ ان ۾ حڪومتي عدم دلچسپي پڌري ٿئي ٿي، جڏهن ته سانحي ۾ شهيد ٿيلن ۽ زخمين لاءِ اعلانيل معاوضي جي ورهاست پڻ شروع نه ٿي سگهي آهي، درگاهن ۽ گادي نشينن جي تحفظ لاءِ پڻ ڪجهه ته نظر نه پيو اچي، جڏهن ته سکر ۾ انتظاميا پاران سيل ڪيل درگاهه جي ٻيهر کولڻ ۾ به سرڪار تعاون نه پئي ڪري، جڏهن ته اسان جا مطالبن کي اهميت ڏئي هڪدم عمل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ مشائخ ڪائونسل اتحاد سڄي سنڌ ۾ پنهنجا اميدوار بيهارڻ لاءِ مجبور ٿي ويندو، اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پنهنجي جائز مطالبن کي حل ڪرائڻ لاءِ بلاول هائوس جو در کڙڪائي آصف زرداري آڏو درگاهن بابت اعتماد ۾ ورتو ۽ ان ڳالهه کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهڻ کپي ۽ اڄ اسان شهيدن جي چهلم جي موقعي تي اعلان ٿا ڪيون ته اپريل ۾ سنڌ جي سڀني درگاهن جو دورو ڪري حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺڻ سان گڏ درگاهه صدرالدين شاهه سکر کي کولرائڻ لاءِ متحرڪ رهنداسين، ٻي صورت ۾ هو پاڻ درگاهه صدرالدين شاهه کولڻ سان گڏ درگاهن جو تحفظ ڪندا، ان موقعي تي مشائخ ڪائونسل سنڌ جي صدر پير شفيق احمد جان اشرفي درگاهه ويهڙ شريف، پير غلام رباني شاهه جيلاني سجاده نشين لنواري شريف، سيد فخر شاهه درگاهه پير بخاري، فقير علي اڪبر قادري درگاهه سيد بکر شاهه، سيد علم الدين شاهه درگاهه المسيت لاڙڪاڻه. سيد سڪندر شاهه جيلاني درگاهه جيلاني ٺل شريف، سيد فرزند علي شاهه درگاهه راني پور، سيد عطاء الله شاهه درگاهه ڪرونڊي شريف، پير غلام عباس شيخ درگاهه اڏيرو لعل، فقير گلاب سجاده نشين درگاهه سعيدي موساڻي، پير نثار جان درگاهه پير سرهندي ٽنڊو سائينداد، نويد وسطڙو درگاهه سخي ڄام ڏاتار، سيد اياز حسين شاهه درگاهه صدرالدين شاهه سکر، پير خالد جان سرهندي پير فتاح شاهه فراق ۽ ٻين اڳواڻن چاليهي جي تقريب کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي قرآن خواني ڪري سيوهڻ سانحي جي شهيدن جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ لنگر عام جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، سيوهڻ سانحي جي بهادري سان رپورٽنگ ڪرڻ تي عوامي پريس ڪلب ۽ سينيئر صحافي ذوالفقار سولنگي کي پاڪستان مشائخ اتحاد ڪائونسل پاران مرڪزي صدر وقار لطيفي پاران ٻه ڌار ڌار جرائت ايوارڊ ۲۰۱۷ پڻ ڏنا ويا، بعد ۾ درگاهن جي گادي نشينن ۽ ٻين درگاهه قلندر لعل شهباز تي فاتحه خواني ڪري گلن جي چادر چاڙهي ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ خصوصي دعا گهري وئي.