سوڊان جي عالمن مردن کي وڌيڪ شاديون ڪرڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي


 خميس ۱۳ اپريل ۲۰۱۷    ۵ مھينا پھريان     ۱٦۷   سوڊان   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : سوڊان: سوڊان جي عالمن واري بورڊ ملڪ ۾ غير شادي شدا ۽ طلاق شدا عورتن جي وڌندڙ انگ کي نظر ۾ رکندي مردن کي وڌيڪ شاديون ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، بورڊ جي چيئرمين محمد عثمان صالح موجب الله تعاليٰ هڪ مرد کي عدل جي شرط تي هڪ ئي وقت ۴ شادين جي اجازت ڏني آهي ۽ معاشري ۾ بي حيائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته معاشرو وڌيڪ شادين کي قبول ڪري، هن وڌيڪ چيو ته خاص طور تي طلاق شدا عورتن کي ٻي شادي ڪرڻ جو حق آهي، ڇاڪاڻ جو گهريلو تحفظ ۽ معاشرتي بيمارين کان بچڻ لاءِ انهن جو ٻيهر شادي ڪرڻ تمام ضروري آهي.