دنيا جي سڀ کان وڏي سيهڙ جي شادي ڪرائي وئي


 ڇنڇر ۱۵ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ٦۸   لنڊن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : لنڊن: برطانيا ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي سيهڙ جي شادي ڪرائي وئي. خانگي ٽي وي چئنل مطابق برطانوي شهر وارڪسٽر ۾ هڪ اهڙي شادي جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي سيهڙ جي مٿي تي نه رڳو موڙ ٻڌا ويا پر اتي وزني مادي سيهڙ کي به ڪنوار جو درجو ملي ويو. عيسائين جي مذهبي تهوار ايسٽر جي موقعي تي دنيا جي سڀ کان وڏن سيهڙن جي شادي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ انهن سيهڙن کي منفرد انداز سان سينگاريو ويو ۽ باقاعده طور تي شادي جون رسمون به ادا ڪيون ويون. واضح رهي ته ڊيريس نالي اهو سيهڙ هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو سيهڙ آهي، جنهن جي ڊيگهه ۴ فٽ ۳ انچ آهي، جڏهن ته هني نالي مادي سيهڙ به ۳ فٽ ۱۱ انچ جي ڊيگهه رکندڙ هيل تائين دنيا جي سڀ کان وڏي مادي سيهڙ تصور ڪئي وڃي ٿي.