واٽس ايپ هاڻي وڌيڪ فيچرز متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو


 اڱارو ۱۸ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۳۱   واشنگٽن   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : واشنگٽن: واٽس هاڻي پنهنجن صارفين لاءِ آسان ۽ جلد نئين دلچسپ فيچرز متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ذريعي صارفين ڪنهن جي علم ۾ آڻڻ کان بغير پنهنجو نمبر تبديل ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته پهرين ڀيرو لائيو لوڪيشن جو به فيچر شامل ڪيو پيو وڃي، واٽس ايپ ونڊوز فون صارفين جي لاءِ ۲ نيون ۽ دلچسپ فيچرز متعارف ڪرائي رهيو آهي، جنهن لاءِ ڪمپني پاران ڪو خاص وقت ته نه ڏنو ويو آهي، پر صارفين نئين فيچر ذريعي آساني سان ڪنهن به آڻيندي بغير پنهنجو موبائل نمبر تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجو نئون موبائل نمبر ڪنهن سان به شيئر نه ڪرڻ چاهين ته ان لاءِ ۳ آپريشن رکيا ويا آهن، جنهن تحت توهان پنهنجو نمبر ٻين کي به ڏيکاري سگهو ٿا.