ٽن ڏينهن واري پوليو مهم دوران فاٽا جي ۱۰ لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا: ڊاڪٽر امتياز


 اڱارو ۱۸ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۳۹   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: ملڪ ۾ ۳ ڏينهن واري پوليو مهم دوران فاٽا جي پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ۱۰ لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. پوليو مهم جي سربراهه ڊاڪٽر امتياز پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ پوليو مهم جي شروعات ٿي وئي آهي جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ پوليو مهم ۾ ۲۰ هزار ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. هن چيو ته مهم دوران ۵ سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي ڦڙا پيارڻ کي يقيني بڻايو ويندو. ڇاڪاڻ ته صوبي ۾ پوليو جا ڪيس اڃا به ظاهر ٿي رهيا آهن. هن والدين کي به اپيل ڪئي ته اهي پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيارين.