گرمين ۾ غير ضروري طور تي ٻاهر اُس ۾ نڪرڻ کان احتياط ڪيو وڃي: طبي ماهر


 اڱارو ۱۸ اپريل ۲۰۱۷    ۲ ھفتا پھريان     ۵۲   اسلام آباد   پرنٽ ڪيو

رپورٽ :   ويب ڊيسڪ  : اسلام آباد: طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته گرمين جي مند ۾ پاڻيءَ سبب پيدا ٿيندڙ انفيڪشن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته انفيڪشن سبب ٻار وڌيڪ متاثر ٿي سگهن ٿا. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف چوڌري چيو ته گرمين ۾ جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ دست، الٽيون ۽ بخار جهڙين بيمارين ۾ اضافو ٿيندو آهي. جنهن ڪري ٻار وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن هن چيو ته گرمين ۾ غير ضروري طور تي ٻاهر اس ۾ نڪرڻ کان احتياط ڪيو وڃي ۽ ٻاهر نڪرڻ جي صورت ۾ احتياطي اپاءُ اختيار ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته گرمي ۾ دست ۽ اُلٽين جي بيمارين جو سبب خراب کاڌو کائڻ ۽ خراب پاڻي واپرائڻ آهي. هن والدين کي هدايت ڪئي ته پنهنجي ٻارن کي خراب شين جي استعمال کان بچائين ۽ صفائيءَ جو خيال رکن ۽ جيڪڏهن ٻارن ۾ دست ۽ الٽي جي بيمارين ظاهر ٿئي ته فوري طور تي او آر ايس جو استعمال ڪن ۽ وڌيڪ علاج لاءِ طبي ماهرن سان رابطو ڪن.