سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ شيخ اياز ڪارنر جو افتتاح
مستنصر علي جمالي | 3 مھينا پھريان

فاٸيل فوٽو
ٽنڊوڄام:اربع 10 جنوري 2018: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي پاران يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري ۾ مهان شاعر شيخ اياز سان منسوب ڪارنر کي قائم ڪرڻ کي سال جو عرصو گذرڻ بعد افتتاح ڪرايو ويو، جنهن ۾ شيخ اياز جي پٽ مونس اياز شرڪت ئي نه ڪئي.
يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري ۾ ڪارنر جي افتتاح کانپوءِ يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ تقريب به ٿي، جنهن کي شيخ اياز جي نياڻي ڊاڪٽر روحي اياز، سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر بيکا رام، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي، قاضي خادم، نور احمد جهنجهي، شوڪت شورو، انعام شيخ، پروفيسر اسماعيل ڪنڀر، ابراهيم ڪيريو، نصير مرزا ۽ ٻين خطاب ڪيو.
سنڌ زرعي يونيورسٽي کي شيخ اياز جي ذاتي لائبريري جا 6500 ڪتاب ڏيڻ تي شيخ اياز جو پٽ مونس اياز سخت اعتراض واري چڪو آهي ۽ هن تقريب ۾ به شرڪت نه ڪئي. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي، مونس اياز الزام هنيو آهي ته سنڌ زرعي يونيورسٽي کي ڪتاب ڏيڻ بابت کانئس ڪنهن به قسم جي صلاح، اجازت يا اطلاع به نه ڏنو ويو ۽ اهو سڄو عمل غيرقانوني طور تي ڪيو ويو ۽ زرعي يونيورسٽي غيرقانوني طور تي اهو ڪتابي سرمايو پاڻ سان کڻائي وئي.
هن چيو ته هو ان ڏس ۾ قانوني قدم کڻي سگهي ٿو. ٻئي طرف سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي لائبريري ۾ قائم ڪيل شيخ اياز ڪارنر جي افتتاح لاءِ ڪنهن وزير کان ٽائيم نه ملڻ سبب هڪ سال جو عرصو ضايع ڪيو ويو، جڏهن ته يونيورسٽي ۾ ابرهيم جويو ۽ زرعي ماهر ايم ايڇ پنهور چيئر قائم ڪرڻ جي اعلانن تي اڃا تائين ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.
ٻئي طرف زرعي يونيورسٽي انتظاميا پاران مقامي صحافين کي شيخ اياز ڪارنر جي تقريب جي دعوت ئي نه ڏني وئي ۽ تقريب کي مقامي صحافين کان ڳجهو رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.01

118

Web Portal Developed and Designed by MIT SOFTWARE SOLUTION Hyderabad : http://mitsoftsolution.net, Contact us : 0222-786731