فيس بڪ نيوز فيڊ ۾ اهم تبديلين جو اعلان ڪري ڇڏيو
ويب ڊيسڪ | 3 مھينا پھريان

نيويارڪ: جمعو 12 جنوري 2018ع: سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ پنهنجي نيوز فيڊ ۾ اهم تبديلين جو اعلان ڪري ڇڏيو. فيس بڪ جي باني مارڪ زڪربرگ چيو آهي ته هاڻ ڪاروبار، ڪمپنين ۽ ميڊيا سجي خبرن کي غير اهم ڪري گهروارن ۽ دوستن وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ پوسٽس کي وڌيڪ نمايان ڪري پيش ڪيو ويندو.
فيس بڪ چيو ته ٿي سگهي ٿو ته شايد اهي تبديليون واهپيدارن کي پسند نه اچن ۽ ممڪن آهي ته ان جي نتيجي ۾ فيس بڪ جي مقبوليت به گهٽ ٿي ويندي جڏهن ته فيصلو حتمي آهي ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن کان نئين تبديلين تي عملدرآمد شروع ڪيو ويندو.
مارڪ زڪربرگ ان فيصلي تي روشني وجهندي چيو ته واهپيدارن جي شڪايت تي اهو قدم کنيو ويو آهي، واهپيدار فيس بڪ کي چيو ته ڪمپنين، شين ۽ ميڊيا جي خبرن جي ڀرمار ۾ دوستن ۽ گهروارن جي ذاتي زندگي بابت پوسٽس گم ٿي وڃن ٿيون ۽ ماڻهو انهن کي ڏسي نه ٿا سگهن.
جنهن سبب رابطن ۾ گهٽتائي اچي وڃي ٿي، ان ڪري فيس بڪ انتظاميه ان مسئلي کي حل کي منهن ڏيڻ لاءِ واپاري پوسٽن کي غير نمايان ڪرڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڏسکارڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته جيڪڏه نڪنهن عوامي پوسٽ کي پروموٽ ڪيو ويو ته اها اهڙي هوندي جيئن ماڻهن ۾ رابطي کي هٿي ڏيڻ جو ذريعو بڻجي.

123

Web Portal Developed and Designed by MIT SOFTWARE SOLUTION Hyderabad : http://mitsoftsolution.net, Contact us : 0222-786731