ٽوئنڪل کنا کي مردن بابت تبصرو ڳچي ۾ پئجي ويو
ويب ڊيسڪ | 12 مھينا پھريان

ممبئي: اڱارو 13 فيبروري 2018: بالي ووڊ جي اڳوڻي اداڪارا ٽوئنڪل کنا مردن بابت تبصري بعد تڪرارن ۾ گهيرجي وئي آهي.
ميڊيا مطابق ممبئي جي مشهور سبرميلا مندر ۾ عورتن لاءِ پاڪ هجڻ واري شرط تي ٽوئنڪل کنا تنقيد وارو تبصرو ڪرڻ بعد شديد ردعمل کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن سبب هوءَ هن وقت قدامت پسند ماڻهن جي جوابي تبصرن سبب ڏچي ۾ اچي وئي آهي. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ماڻهن جي وڏي انگ ٽوئنڪل کنا تي شديد تنقيد ڪندي سندس راءِ کي فلم پيڊمين جي مشهوري لاءِ هڪ قسم جو طريقو سڏيو آهي.
ٽوئنڪل کنا سبرميلا مندر ۾ عورتن جي مشروط داخلا واري شرط تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته عورتن کي پاڪ ڏسڻ سان گڏ مرد به ان شرط کي پورو ڪن. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي تنقيد ٿيڻ بعد فلم ميڪرز جو چوڻ آهي ته ٽوئنڪل جي تبصري سان فلم جو تعلق ناهي، ڇو ته اها هن جي ذاتي راءِ آهي.

98