سينيٽ چونڊون: اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ مڪمل
ويب ڊيسڪ | 12 مھينا پھريان

اسلام آباد: اڱارو 13 فيبروري 2018ع: سينيٽ چونڊن ۾ اسلام آباد ۽ چئن ئي صوبن جي اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي.
وفاقي گادي واري هنڌ مان هڪ، خيبرپختونخواهه مان 2، سنڌ مان 4، بلوچستان مان 5 ۽ پنجاب مان ست اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن.
فاٽا مان سينيٽ جي چئن سيٽن تي 27 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جن جي جاچ جو عمل 15 فيبروري تائين مڪمل ٿيندو.
خيبرپختونخواهه ۾ مجموعي طور تي جنرل سيٽن لاءِ چوٽيهن مان 2 اميدوارن ظفر الله خٽڪ ۽ علي خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا.
سنڌ ۾ سينيٽ چونڊن جي 47 مان پنجن اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا.
جنرل سيٽن لاءِ ايم ڪيو ايم جي عامر ولي الدين چشتي ۽ پاڪ سرزمين پارٽي جي حسن صابر جڏهن ته ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي ايم ڪيو ايم جي احمد چنائي ۽ پاڪ سرزمين پارٽي جي صوفيا سعيد جا نامزدگي ڪاغذ به رد ڪيا ويا.
سينيٽ چونڊن ۾ بلوچستان مان 27 مان چئن اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا جن ۾ ٽي ٽيڪنوڪريٽ ۽ هڪ عورت سيٽ تي اميدوار هئي.
ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ لاءِ حسين اسلام، محمد عبدالقاد ۽ نسيب الله بازئي جڏهن ته عورتن جي سيت تي طاهرا خورشيد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.
پنجاب مان چوٽيهن مان 7 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا جنهن ۾ جنرل سيٽن تي محمد بلال بٽ، عثمان خان زئي، سرفراز قريشي ۽ ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ لاءِ عبدالڪريم شامل آهن.
اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق دار جي جنرل ۽ ٽيڪنوڪريٽ سيٽن لاءِ جمع ڪرايل ٻه ئي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. ن ليگ جي ٽيڪنوڪريٽ سيٽ جي اميدوار ڊاڪٽر طاهر محمود جا به ڪاغذ رد ڪيا ويا.
اسلام آباد جي هڪ ٽيڪنوڪريٽ ۽ هڪ جنرل سيٽ تي ست اميدوار مقابلو ڪندا.
فاٽا مان سينيٽ جي چئن سيٽن تي 27 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جڏهن ته سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ ٽي مارچ تي ٿيندي.

84