واٽر سينٽر پاران ملڪ اندر پاڻي جي مسئلن بابت عملي تحقيق ڪئي پئي وڃي: اسلم عقيلي
علي مراد چانڊيو | 12 مھينا پھريان

ڄامشورو: جمعو 02 مارچ 2018ع: مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد اسلم عُقيلي چيو آهي ته پاڻي جي کوٽ جو مسئلو عالمي نوعيت جو آهي، جنهن لاءِ عالمي توڙي علائقائي سطح تي ڪوششون ڪيو پيون وڃن. هن چيو ته درياهن جي تاريخ آهي ته درياهه پنهنجي ڇوڙ يا پُوڇڙ واري علائقن سان سڃاتا ويندا، اهن جيئن سنڌو درياهه جي سڃاڻپ سنڌ سان آهي. اهڙي طريقي سان دنيا ۾ ڪيترائي درياهه ۽ نديون آهن جن جو وهڪرو هڪ ملڪ کان شروع ٿي ٻئي ملڪن تائين پهچن ٿا پر انهن جي سڃاڻپ ان ملڪ ۽ علائقي سان ٿئي ٿي جتي درياهه ڇوڙ ڪن ٿا. هن اهڙو اظهار انڊس ڊيلٽا جو سُڪڙجڻ : موجوده صورتحال ۽ اڳتي وڌڻ جي راهه جي موضوع تي مهراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر ۾ قومي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.
هن چيو ته ندين ۽ درياهن جي پُڇڙي وارن علائقن جي ماڻهن جو پاڻي تي اوترو ئي حق آهي جيترو ٻين جو پر پاڻي انتظامن جو بهتر نه هجڻ ۽ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي ڪري پڇڙي وارن علائقن جي ماڻهن کي زراعت توڙي گهريلو ضرورتن لاءِ پاڻي ڪونه ٿو ملي. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جو هي واٽر سينٽر سنڌ حڪومت کي پاڻي مسئلن جي پائيدار حل جي سلسلي ۾ هر ممڪن مدد ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وائيس چانسلر چيو ته واٽر سينٽر پاران ملڪ اندر پاڻي جي مسئلن بابت عملي تحقيق ڪئي پئي وڃي ۽ تحقيق جا انگ اکر وفاقي توڙي سنڌ حڪومت سان ونڊيا ويندا ته جيئن حڪومت پاران پاڻي انتظامن جي حوالي سان بهتر فيصلا ڪري سگهن.
هن چيو ته پاڻي جي کوٽ ۽ ماحولياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ڊيلٽا ۾ پاڻي هاڻي 250 ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو به نٿو وڃي پر ڪنهن وقت ۾ پاڻي ڊيلٽا ۾ روزانو ويندو هو. سيمينار جي حوالي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر محمد اسلم عُقيلي چيو ته هن اسٽڊي جي حوالي 1833 جي نقشي مطابق 12 هزار کان مٿي اسڪوائر ڪلوميٽر مان گهٽجي 1000 ڪلوميٽر تي ڊيلٽا موجود آهي، جنهن ۾ 92 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي. هن چيو ته دنيا ۾ قانون آهي ته درياهن جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏڻ ضروروي آهي ڇو ته درياهن ڇوڙ ڪرڻ وارن علائقن سان سڏيا ويندا آهن ۽ انهن علائقن جي ماڻهن ۽ ماحولياتي تبديلين توڙي مال مويشي ۽ ماهيگيري جي تحفظ لاءِ پاڻي جي رسائي تمام گهڻي ضروري آهي.
سيمينار جي موضوع تي تحقيق ڪندڙ واٽر سينٽر جو پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڳالهائيندي چيو ته 90 سيڪڙو ڊيلٽا سُڪڙجي ويو آهي، جڏهن ته ڊيلٽا جي اندر 80 سيڪڙو جڏهن ته مٿاڇري واري علائقن تي 40 سيڪڙو سمنڊ جي پاڻي جي کاڌ سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٺٽو ۽ سجاول ضلعي جي علائقن جي زراعت، لائيو اسٽاڪ، فشريز متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته ڊيلٽا ۾ درياهه جي پاڻي جو ڇوڙ تمام ضروري آهي ۽ ڪافي عرصي کان پاڻي جي ڇوڙ نه هئڻ ڪري سمنڊ جي کاري پاڻي سبب ڊيلٽا ۾ رهندڙ ماڻهو تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته انڊس ڊيلٽا دنيا جو پنجون وڏي ۾ وڏو ڊيلٽا آهي، مينگروز جي ٻيلن جي حوالي سان دنيا جو ستون ڊيلٽا آهي، جيڪو تازي پاڻي جي ڇوڙ نه هئڻ ڪري ڏينهن ڏينهن تيزي سان ڪمزور ٿيندو پيو وڃي. هن چيوته ڊيلٽا جي کاٻي پاسي وارو علائقو يعني سجاول ضلعي وارو علائقو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي جڏهن ته ٺٽي ضلعي واري پاسي وارو ڊيلٽا سجاول ضلعي جي ڀيٽ سان گهٽ متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته ڊيلٽا جي صورتحال خراب هجڻ ڪري علائقي جي ماڻهن کي صرف 4 سيڪڙو پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر آهي جڏهن ته باقي پاڻي پيئڻ جي لائق ڪونهي. هن چيو ته گذريل 27 سالن ۾ ڊيلٽا اندر ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ واڌارو آيو آهي جن ۾ صرف کارو پاڻي آهي جنهن سان مڇي تمام گهڻو متاثر ٿي آهي.
ڊاڪٽر الطاف سيال ڊيلٽا جي مختلف نقشا پيش ڪندي چيو ته 1833 جي نقشي مطابق انڊس ڊيلٽا جي ايريا 12900 اسڪوائر فوٽ هئي جيڪا هاڻي سال 2017 جي هن تحقيقي پروجيڪٽ ذريعي معلوم ڪيو ويو آهي ته موجوده ڊيلٽا جو ايريا 1070 اسڪوائر فوٽ تي وڃي پهتو آهي. هن وارننگ ڏيندي ٻُڌايو ته جيڪڏهن امڪاني سونامي يا فطري سببن ڪري سمنڊ جي پاڻي واري واڌ واري صورتحال ۾ موجوه ڊيلٽا جو علائقو 50 سيڪڙو تائين ٻُڏي سگهي ٿو. هن حڪومت کي پنهنجي تحقيق جي بنياد تي صلاحون ڏيندي چيو ته ايمرجنسي بنيادن تي ڊيلٽا جي مٿاڇري واري علائقن کي سامونڊي پاڻي جي کاڌ کان بچاءُ جي سلسلي ۾ 2 کان 4 فوٽ ڊگهي200 ڪلوميٽر تائين هڪ بچاءُ بند يا مضبوط ڀت اڏڻ جي شديد ضرورت آهي. هن چيو ته ڊيلٽا جي علائقن ۾ اڳ ۾ وهندڙ اوچتو ۽ پنڃاري واهه کي وري بحال ڪري پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن اتان جي آبادي کي تازو پاڻي پهچي سگهي ۽ ڪجهه پاڻي جي سمنڊ ۾ ڇوڙ سان ڊيلٽا ۾ ڪجهه ساهه پوندو. هن چيو ته آبپاشي کاتي جي ڪنٽرول ۾ ايندڙ ڪوٽڙي بئراج کان نڪرندڙ ڪلري بگار (ڪي بي) فيڊر ، ڦليلي واهه ۽ پنڃاري واهه جي پُوڇڙي وارن آبادگارن کي پاڻي جي رسائي کي ممڪن بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته موسم ۽ اتان جي زمين سان ٺهڪندڙ مختلف وڻ پوکيا وڃن ۽ برسات جي موسمن ۾ ڍنڍن ۽ ڍورن کي تازي پاڻي سان ڀريو وڃي ته جيئن اتان جي آبادي کي پنهنجي گهريلو توڙي زرعي ضرورتن لاءِ مناسب مقدار توڙي بهتر معيار وارو پاڻي ملي سگهي.
ان موقعي تي واٽر سينٽر جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر بخشل لاشاري سمينار ۾ آجياڻي تقرير ڪندي چيو ته ٽي سال اڳ هي سينٽر بين الاقوامي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ آمريڪي اداري (USAID) جي تعاون سان قائم ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد ملڪ اندر پاڻي مسئلن جو جٽادار حل ڪڍڻ آهي. هن چيو ته هن سنيٽر جي آمريڪا جي فني سهڪار ڪندڙ يوٽا يونيورسٽي جي مدد سان ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن کانسوان هن سينٽر پاران 100 کان وڌيڪ پاڻي مسئلن سان لاڳاپيل تحقيقي پروجيڪٽن تي ڪم ڪيو پيو وڃي جنهن سان وفاقي، صوبائي حڪومت توڙي ٻين ادارن کي پاڻي متعلق پاليسيون جوڙڻ جي سلسلي ۾ بهتر فيصلن ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
ان موقعي تي سيمينار جي سوالن ۽ جوابن جي نشست جي ڪاروائي ڊاڪٽر ڪامران انصاري پاران هلائي وئي، جڏهن ته پاڻي سينٽر جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رسول بخش مهر آيل مهمانن جو شُڪريو ادا ڪيو. قومي سيمينار ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر طحى حُسين علي، سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جو پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر سرفراز احمد سولنگي، مويشي ۽ ماهيگري کاتي سنڌ جو ايڊيشنل سيڪريٽري خاور پرويز اعواڻ، مهراڻ يونيورسٽي جي ڊين ڊاڪٽر خان محمد بروهي، ڊاڪٽر عبدالسميع قُريشي، ڊاڪٽر محمد معظم بلوچ، سافڪو جو سربراهه سليمان ابڙو، سول سوسائيٽي جو نمائندو ذوالفقار هاليپوٽو، ايم ڊي سي جو سرواڻ ڊاڪٽر يامين ميمڻ، آر ڊي ايف حيدرآباد جو چيف ايگزيڪيٽوِ اشفاق سومرو، پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر، ميٽرولاجيڪل ڊپارٽمينٽ ڪراچي جو ڊائريڪٽر عبدالقيوم ڀُٽو، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالخالق انصاري، قاضي سليمان ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر نجمه ميمڻ، ڊاڪٽر امان الله مهر، ڊاڪٽر نور چانڊيو، ڊاڪٽر انعام الله ڀٽي، ڊاڪٽر گوهر علي مهر، ٺٽي جي سول سوسائيٽي جو نمائندو اختر سمون، ڊيلٽا جي مختلف علائقن جي رهواسين، مهراڻ يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي شاگردن ۽ استادن سيمينار ۾ شرڪت ڪئي.

222