سماجي وٿي برقرار رکڻ لاءِ جوتا تيار

news

واشنگٽن: (سومر 01 جون 2020ع)   ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري طرفان هڪ ٻئي کي سماجي وٿي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. 

صحت جي عالمي اداري جي هدايتن باوجود به ماڻهو سماجي وٿي اختيار ڪرڻ جي حوالي سان تمام گهڻو غيره سنجيده نطر اچي رهيا آهن. ان حوالي سان ڪيترن ئي هوٽلن طرفان نئين حڪمت عملي تي عمل ڪندي وائرس کان بچڻ جي لاءِ سماجي وٿي اختيار ڪئي پئي وڃي.

تازو ئي هڪ رومانين موچي هڪ اهڙا جوتا پيش ڪيا آهن جنهن کي پائڻ کان پوءِ هاڻ هڪ ٻئي کان سماجي وٿي برقرار رکڻ ۾ آساني ٿيندي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب رومانيه سان تعلق رکندڙ جريگورلپ نالي هڪ موچي ڊگها جوتا تيار ڪرڻ جي باري ۾ سوچيو جنهن کي پائي ماڻهو آساني سان سماجي وٿي برقرا رکي سگهندا.

36 سالن کان جوتا ٺاهڻ  ۾ مهارت رکندڙ جريگورلپ چيو آهي ته هاڻ مون وٽ سماجي وٿي اختيار ڪندڙ جوتن کي خريد ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي آرڊر اچي رهيا آهن سماجي وٿي برقرار رکڻ وارا هي جوتا صارفين 115 ڊالرن ۾ حاصل ڪري سگهن ٿا.