صدارتي ريفرنس: جسٽس قاضي فائز جي وڪيل فروغ نسيم جي پيش ٿيڻ تي اعتراض واري ڇڏيا

news

اسلام آباد: (اڱارو 02 جون 2020ع)   جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي وڪيل صدارتي  ريفرنس  جي معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست ۾ اڳوڻي قانون واري وزير فروغ نسيم جي بطور وڪيل پيش ٿيڻ تي اعتراض ڪري ڇڏيو آهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارتي ريفرنس جي خلاف آئيني درخواست جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فروغ نسيم جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان مخالفت رکي ٿو. ريفرنس بدنيتي تي ٻڌل آهي. فروغ نسيم ان ۾ مخبر جي حيثيت رکي ٿو. اڳوڻي قانون واري وزير جي ڪيس ۾  بطور وڪيل پيش ٿيڻ بار پريڪٽيشنر ايڪٽ جي به ڀڃڪڙي آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 100 جي تحت وفاق جي اٽارني جنرل آفس نمائندگي ڪندو آهي. اٽارني جنرل آفس ۾ 145 وڪيل موجود آهن. ڇا ايترو وڏو اسٽاف قابل ناهي ۽ ڇا صرف هو پگهار وٺڻ لاءِ آهن. ٻئي طرف اڳوڻي قانون واري وزير بيرسٽر فروغ نسيم صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ڪنهن به قسم جي مخالفت ناهي. ان سميت عدليه جي سمورن ججن جو احترام ڪريان ٿو. نه منهنجي اڳ هن سان ڪا مخالفت هئي ۽ نه ئي وري ٿيندي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن فروغ نسيم سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ وفاق جي نمائندگي ڪرڻ جي لاءِ قانون واري وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني. ان کان اڳ هن آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ بابت ڪيس ۾ جنرل قمر جاويد باجوه جي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي لاءِ به عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي.