ڀارت مان نيڪالي ڏنل پاڪستاني سفير ملڪ واپس پهچي ويو

news

لاهور(اڱارو 02 جون 2020ع) ڀارت ما  ناپسنديده قرار ڏئي نيڪالي ڏنل پاڪستاني سفارتڪار ملڪ واپس پهچي ويو. پاڪستاني سفارتڪار عابد حسين ۽ طاهر خان پنهنجي وارثن سان گڏ واهگا بارڊر  کان لاهور پهتو.

ڀارتي حڪومت طرفان پاڪستاني سفارتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ تشدد جو به نشانو بنايو ويو. ڀارت پاڪستاني سفارتڪارن مٿان ڳجهين سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جا سنگين الزام لڳايا ۽ پوءِ ناپسنديده شخصيت قرار ڏئي 24 ڪلاڪن ۾ ڀارت ڇڏڻ جي هدايت ڪئي هئي.

پاڪستان حڪومت ويانا ڪنوينشن جي  ڀڃڪڙي تي ڀارت  آڏو سخت احتجاج ڪيو آهي. لاڳاپيل سفارتڪار رات دير سان ڀارت کان واهگا بارڊر جي رستي لاهور پهتو. ان سفارتڪارن کي پوليس جي سيڪيورٽي ۾ گهر موڪليو ويو آهي.