پنوعاقل لڳ ڪورائي واهه ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي فوت، گھر ۾ قھرام

news

پنوعاقل(رپورٽ:قربان ملڪ)  ڳوٺ ڪوڙو خان ڪورائي جو رھواسي 20 ورهين جو عبدالجبار ولد محمد حنيف ڪورائي واهه ۾ وھنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، جنھن جو لاش مقامي ماڻھن واھ مان ڪڍي اسپتال پنوعاقل پھچايو. 

اسپتال ۾ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ قھرام مچي ويو.