گهوٽڪي جا وڌيڪ چاليهه ڄڻا ڪورونا جو شڪار، ضلعي ۾ انگ ٻه سئو چوونجاهه ٿي ويو

news

گهوٽڪي (رپورٽ:فرمان سومرو ) ضلعي گهوٽڪي جا وڌيڪ 40 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار، 25 ڄڻا صحتياب، مريضن جو تعداد 254 ۽ صحتياب ماڻهن جو تعداد 251 ٿي ويو. 

ڪورونا وائرس جي پيش نظر ضلعي انتظاميه پاران جاري نمونا وٺڻ واري مهم تحت ضلعي جي مختلف علائقن مان 2 ڏينهن دوران 220 ماڻهن جا نمونا ورتا ويا هئا جن جي نتيجن تحت 40 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي جڏهن ته 180 ڄڻن کي ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي.

 ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته وائرس سبب متاثر ٿيل 40 ڄڻن مان 8 تعلقي گهوٽڪي، 9 ميرپور ماٿيلو، 15 اوٻاوڙو, 3  ڏهرڪي ۽ 5 تعلقي خانڳڙه جا رهواسي آهن.

 ڊپٽي ڪمشنر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ماڻهن کي صحت کاتي جي ٽيمن سان مڪمل تعاون ڪرڻ گهرجي ته جيئن وڌ کان وڌ مريض ظاهر ٿي سگهن ۽ ڪورونا سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ته جيئن وائرس کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي سگهجي. 

ياد رهي ته ضلعي گهوٽڪي ۾ هن مهل تائين ڪورونا جا 508 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان 251 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا ۽ 254 علاج هيٺ آهن جڏهن ته 3 فوت ٿي ويا آهن.