ملڪ ۾ اڄ ڪورونا وگهي وڌيڪ ستيتاليهه فوتگيون، ٻه هزار ايڪونجاهه نوان ڪيس رپورٽ

news

اسلام آباد: (اڱارو 02 جون 2020ع) ملڪ ۾ اڄ هينئر تائين ڪورونا جا وڌيڪ 47 ڄڻا فوت ٿي ويا. جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 1621 ٿي ويو آهي. جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ مريضن جو انگ 76398 تائين پهچي ويو آهي.

هينئر تائين سنڌ ۾ 503 ۽ پنجاب ۾ ڪورونا سبب 540 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ 482 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه بلوچستان ۾ 49، اسلام آباد 30، گلگت بلتستان ۾ 11 ۽ آزاد ڪشمير ۾ موذي وائرس سبب 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

اڄ جي ڪيسن جي صورتحال:

اڄ اڱاري جي ڏينهن هينئر تائين ڪورونا جا وڌيڪ 2051 ڪيس ۽ 47 فوتگيون سامهون اچي چڪيون آهن جن مان پنجاب مان 1610 ڪيس 43 فوتگيون، بلوچستان 121 ڪيس 2 فوتگيون، اسلام آباد 304 ڪيس 2 فوتگيون ۽ آزاد ڪشمير ۾ 16 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

پنجاب:

اڄ پنجاب ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 1610 ڪيس ۽ 43 فوتگيون سامهون آيون آهن جنهن جي تصديق پي ڊي ايم اي طرفان ڪئي وئي آهي. صوبائي ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي موجب صوبي ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 27850 ۽ فوتگيون 540 ٿي ويون آهن. صوبي ۾ هينئر تائين ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 7116 ٿي ويو آهي. 

بلوچستان:

بلوچستان حڪومت طرفان سومر تي ڪورونا وائرس جا انگ اکر جاري نه ڪيا ويا هئا پر اڄ اڱاري تي جاري ڪيل انگن اکرن موجب صوبي ۾ وڌيڪ 121 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي هئي جنهن کان پوءِ صوبي ۾ تصديق ٿيل ڪورونا جي مريضن جو انگ 4514 ٿي ويو آهي. ان کان علاوه صوبي ۾ 2 فوتگيون به سامهون آيون آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 49 ٿي ويو آهي. بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس سبب صحتياب ٿيندڙن جو انگ 1565 ٿي ويو آهي.

اسلام آباد:

وفاقي گادي واري شهر ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 304 ڪيس ۽ 2 فوتگيون سامهون آيون آهن جنهن جي تصديق سرڪاري پورٽل تي ڪئي وئي آهي. پورٽل موجب اسلام آباد ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 2893 ٿي وئي آهي. جڏهن ته فوتگيون 30 ٿي چڪيون آهن. اسلام آباد ۾ هينئر تائين ڪورونا وائرس مان 169 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.

آزاد ڪشمير:

آزاد ڪشمير ۾ به اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 16 ڪيس سامهون آيا آهن جنهن جي تصديق سرڪاري پورٽل تي ڪئي وئي آهي. حڪومتي انگن اکرن موجب علائقي ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 271 ٿي ويو آهي جڏهن ته علائقي ۾ هينئر تائين وائرس سبب 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. سرڪاري پورٽل موجب آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وگهي هينئر تائين 170 ڄڻا صحتياب به ٿي چڪا آهن.

سنڌ:

سنڌ ۾ سومر تي ڪورونا جا وڌيڪ 1402 ڪيس ۽ 22 فوتگيون سامهون آيون جنهن جي تصديق سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان ڪئي وئي. صوبي ۾ وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 503 ٿي ويو آهي. جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ مريضن جو گڏيل انگ 29647 ٿي چڪي آهي.

خيبرپختونخواهه:

خيبرپختونخواهه ۾ سومر تي وڌيڪ 9 ڄڻا ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوتين جو انگ 482  تائين پهچي ويو آهي. صوبائي صحت کاتي ٻڌايو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 458 ڄڻن ۾  موذي وائرس جي تصديق ٿي آهي جنهن کان پوءِ صوبي ۾ متاثر مريضن جو انگ 10485 ٿي ويو آهي. صوبي ۾ هينئر تائين 2973 ڄڻا ڪورونا وائرس مان صحتياب به ٿي چڪا آهن.

گلگت بلتستان:

گلگت بلتستان ۾ سومر تي وڌيڪ 27 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جنهن کان پوءِ متاثر مريضن جو انگ 738 ٿي وئي آهي.  گلگت بلتستان جي صحت کاتي موجب ڪورونا سبب هينئر تائين 11 فوتگيون ٿيون آهن جڏهن ته صحتياب مريضن جو انگ 527 ٿي ويو آهي.