نوابشاهه(رپورٽ:فدا چانڊيو) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نواب شاھ جي انتظاميہ پاران 15 جون کان آن لائين ڪلاسز شروع ڪيا ويندا.
سنڌ حڪومت ۽ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي گائيڊ لائينز ۽ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نواب شاھ جي فيصلي ۽ منظوري تحت آن لائين تعليم جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، 15 جون کان آن لائين ڪلاسز شروع ڪيا ويندا.
ان سلسلي ۾ استادن پاران شاگردن کي وڊيو لنڪ ذريعي ليڪچر ڏيڻ، شاگردن جي ڪورس بابت واٽس اپ، آفيشل اي ميل، گوگل سائٽس ذريعي رھنمائي ڪرڻ جي سلسلي ۾ گھربل تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
ھوڏانھن قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون چيو ته قائد عوام يونيورسٽي ڀرپور جذبي سان 15 جون کان آن لائين ڪلاسز شروع ڪري رھي آھي.