ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ قومي اسيمبلي جو ميمبر منير خان اورڪزئي دل جو دورو پوڻ سبب فوت

news

اسلام آباد: (اڱارو 02 جون 2020ع)  جي يو آءِ(ف) جو اڳواڻ ۽ ضلعي ڪرم مان قومي اسيمبلي جو ميمبر منير خان اورڪزئي فوت ٿي ويو. منير خان اورڪزئي کي رات دير سال دل جو دورو پيو هو جنهن مان هو صحتياب نه ٿي سگهيو.

منير خان جي 24 اپريل تي ڪورونا  ٽيسٽ پازيٽو آئي هئي پر هو هڪ هفتو اڳ صحتياب ٿي ويو هو.  سندس جنازي جي نماز اڄ 3 وڳي ضلعي ڪرم ۾ ادا ڪئي ويندي. 15 مئي تي هن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي. جنهن دوران سندس طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي هئي ۽ شروعاتي طبي معائني کان پوءِ کي ايمبولينس ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. کيس ڪجهه وقت تائين حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس پشاور ۾ وينٽي ليٽر تي به رکيو ويو هو.

هوڏانهن صدر عارف علوي سميت ٻين سياسي ۽ سماجي شخصيتن منير خان اورڪزئي جي فوت ٿيڻ تي سخت ڏک جو اظهار ڪندي دعا ڪئي آهي ته رب پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏئي ۽ پوئينرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.