شهدادپور: پيٽرول پمپ مالڪن جي هڪهٽي، تيل جو بليڪ تي وڪرو

news

شهدادپور: پيٽرول پمپ مالڪن جي هڪهٽي، تيل جو بليڪ تي وڪرو

شھدادپور(رپورٽ:سيفل عباس ساند)شھدادپور ۾ پيٽرول پمپن اوگرا طرفان تيل جي قيتن ۾ لاٿ کي ٿڏي پيٽرول ڊيزل ڏيڻ بند ڪري  پيٽرول ۽ ڊيزل بليڪ تي اگھ  100 روپيا لٽر ڪري ڇڏيو.

 شھدادپور شھر ۽ ان جي آس پاس  پيٽرول پمپ مالڪن پاران وفاقي حڪومت جي اعلان کي للڪاري تيل جي ھٿراڌو کوٽ پيدا ڪري پمپن تي پيٽرول ۽ ڊيزل ناياب بڻائي ڇڏيو ۽ وفاقي حڪومت جي مقرر ريٽ کان مٿي ھڪ سو روپيا في ليٽر تيل جي کوٽ ڄاڻائي وصول ڪري پيٽرول ۽ ڊيزل ڏنوپيو وڃي.

 پيٽرول پمپ مافيا خلاف انتظاميہ بہ تحرڪ نہ ورتو آھي.