تحريڪ انصاف جو صوبائي اسيمبلي ميمبر ميان جمشيد ڪورونا وگهي فوت

news

پشاور:(اربع 03 جون 2020ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جو صوبائي اسيمبلي ميمبر ميان جمشيدالدين ڪاڪا خيل ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو. 

ڊپٽي ڪمشنر نوشهره چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جو اسيمبلي ميمبر ميان جمشيدالدين هڪ هفتي کان اسلام آباد جي اسپتال ۾  علاج هيٺ هو ۽ ٽن ڏينهن  کان هو وينٽي ليٽر تي هو. ميان جمشيدالدين ڪاڪا خيل 2018 جي چونڊن ۾ خيبرپختونخواهه جي حلقي پي ڪي 63 مان ڪامياب ٿيو هو ۽ هو  ايڪسائيز جو صوبائي وزير به رهي چڪو هو.

ياد رهي ته گذريل جمعيت علماءِ اسلام(ف) سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جو ميمبر منير  اورڪزئي فوت ٿي ويو هو جڏهن ته لاهور سان تعلق رکندڙ جي يو آءِ(ف) جو اڳواڻ امتياز قمر به گذريل ڏينهن ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي ويو هو.

هوڏانهن گذريل ڏينهن سنڌ  جو ڪچي آبادي وارو وزير غلام مرتضيٰ بلوچ به  ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي ويو هو.