ڪورونا وائرس پارليامينٽ جي ميمبرن ۾ به تيزي سان پکڙجڻ شروع ٿي ويو

news

اسلام آباد: (خميس 04 جون 2020ع) عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس پارليامينٽ جي ميمبرن ۾ به تيزي سان پکڙجڻ شروع ٿي ويو آهي.

رپورٽ موجب هينئر تائين سامهون ايندڙ اکرن موجب 44 ميمبرن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي جن مان پنج پارليامينٽ جا ميمبر هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن. انگن اکرن موجب هينئر تائين قومي اسيمبلي جا 10، سينيٽ جا 4، پنجاب اسيمبلي جا 5، سنڌ اسيمبلي جا 12، خيبرپختونخواهه اسيمبلي جا 8 ۽ بلوچستان اسيمبلي جا 5 ميمبر ڪورونا وائرس جو نشانو بڻجي چڪا آهن.

رپورٽ موجب عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس سبب چئني صوبائي اسيمبلين جو هڪ هڪ ميمبر فوت ٿي چڪو آهي. فوت ٿي ويندڙ اسيمبلي ميمبرن  ۾ سنڌ  جو وزير مرتضيٰ بلوچ، خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو ميمبر ميان جمشيد ڪاڪا خيل، پنجاب اسيمبلي جو ميمبر شوڪت منظور چيمه، شاهين رضا ۽ بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر سيد فضل آغا شامل آهن. قومي اسيمبلي جو ميمبر منير اورڪزئي به فوت ٿي ويو آهي پر ان جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندس فوتگي دل جو دورو پوڻ سبب ٿي آهي.

مرحوم قومي اسيمبلي جي ميمبر منير اورڪزئي ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي هئي. رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جي جن 10 ميمبرن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي ان ۾  قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ۽ مملڪتي وزير شهريار آفريدي به شامل آهن.  جيڪي ٻيا قومي اسيمبلي جا ميمبر عالمي وبا سبب متاثر ٿيا آهن ان ۾ پي ٽي آءِ جو عامر ڊوگر، ظهور حسين قريشي، ڪرامت کوکر، گل ظفر خان، محبوب شاهه، وجيهه اڪرم ۽ علي وزير شامل آهن. ڪورونا وائرس مان سينيٽ جا چار ميمبر به متاثر ٿيا آهن متاثر ميمبرن ۾ مولابخش چانڊيو، مرزا محمد آفريدي، فدا محمد خان ۽ مولانا عطاءُالرحمان شامل آهن.

پنجاب اسيمبلي سان تعلق رکندڙ ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ۽ توانائي وارو وزير اختر ملڪ ۽ رانا عارف اقبال ڪورونا وائرس جو شڪار آهن. سنڌ اسيمبلي جي 12 ميمبرن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي جن مان پ پ جو صوبائي وزير سعيد غني، ڊاڪٽر سهراب سرڪي، لياقت علي، سعديه جاويد، ساجد جوکيو ۽ نور محمد ڀرڳڙي شامل آهن.

سنڌ اسميبلي سان تعلق رکندڙ ايم ڪيو ايم جي علي خورشيد ۽ منگلا شرما ۾ به هن موذي وبا جي موجودگي جي تصديق ٿي آهي. ڪورونا وائرس سبب پي ٽي آءِ جو سنڌ اسيمبلي ميمبر شاهه نواز جدون، جي ڊي اي جو معظم عباسي ۽ مجلس عمل جو سيد عبدالرشيد به متاٿر ٿيو آهي. سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل به ڪورونا جي وڪڙ ۾ اچي چڪو آهي.

خيبرپختونخواهه اسيمبلي سان تعلق رکندڙ صوبائي وزير هائوسنگ ڊاڪٽر امجد علي ۽ وزير اعليٰ جو صلاحڪار ڪامران بنگش موذي وائرس جو نشانو بڻيو آهي. ڪي پي اسيمبلي ۾ موجود پي ٽي آءِ جي همايون خان، محمد عبدالسلام، عنايت الله، مديحه نثار ۽ اي اين پي جو بهادر خان به ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيو آهي.