ايس او پيز جي ڀڃڪڙي: ملڪ جون ڪيتريون ئي وڏيون مارڪيٽون بند ڪرڻ جو فيصلو

news

اسلام آباد: (خميس 04 جون 2020ع) وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل چيو آهي ته ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ملڪ جون ڪيتريون ئي وڏيون مارڪيٽون اڄ بند ڪيون وينديون.

شهباز گل چيو آهي ته لاڪ ڊائون دوران ايس او پيز فالو نه ڪرڻ سبب سڄي ملڪ جون ڪيتريون ئي وڏيون مارڪيٽون اڄ بند ڪيون وينديون. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي اسان سڀني کي هر صورت ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب عوام طرفان لاڪ ڊائون جي دوران ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ تي پنجاب حڪومت جي ايڪشن کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪورونا ڪيسن جو انگ وڌڻ کي نظر ۾ رکندي لاهور، فيصل آباد ۽ راولپنڊي سميت وڏن شهرن جون وڏيون مارڪيٽون اڄ کان بند ڪيون پيون وڃن. راولپنڊي ۾ دڪانون سيل ڪرڻ جي لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن.

ضلعي انتظاميه موجب شهر ۽ ڪينٽ ۾ اهي ٽيمون شام جو 7 وڳي آپريشن لاءِ نڪرنديون. شام جو 7 وڳي کان پوءِ کليل دڪانون ۽ مارڪيٽون سيل ڪيون وينديون. ٻئي طرف واپارين مارڪيٽون بند ڪرڻ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو آهي.

واپاري اڳواڻ نعيم مير چيو آهي ته سڄي ملڪ جون مارڪيٽون ۽ بازار بند ڪرڻ جو فيصلو، عقل، دليل ۽ منطق جي ابتڙ هوندو. مالي طور تي ڪمزور رياست، واپارين کي ڪفالت ڪرڻ جي طاقت نٿي رکي. اڄ مارڪيٽون بند ٿينديون ته ڇا سڀاڻي ٽرانسپورٽ ۽ پوءِ سڄو ملڪ بند ڪيو ويندو.