ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي هوٽلن ۾ روبوٽ سروس جي شروعات

news

لنڊن: (خميس 04 جون 2020ع) سڄي دنيا ۾ جتي لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي پئي وڃي اتي ئي موذي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ هر ممڪن قدم به کنيا پيا وڃن ۽ اهوئي سبب آهي ته هاڻ مختلف هوٽلن ۾ ويٽرز جي بجاءِ روبوٽ سروس کي اوليت ڏني پئي وڃي.

تازو ئي حفاظتي قدمن کي نظر ۾ رکندي ڏکڻ ڪوريا جي هڪ ڪيفي ۾ ڪافي ٺاهڻ جي لاءِ روبوٽ جو استعمال ڪيو ويو ۽ هاڻ اهڙي طرح نيدرلينڊ جي شهر ماستريخت ۾ به ڪجهه هوٽلن ۾ روبوٽ سروس استعمال ڪئي پئي وڃي. پر اهو هوٽل صرف ڪافي لاءِ ناهي پر سمورن ڪمن جي لاءِ آهي.

خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز موجب داداون هوٽل سميت مختلف هوٽلن ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سمورا ڪم روبورٽ جي مدد سان ڪيا پيا وڃن جيئن صفائي، کاڌو پيش ڪرڻ، يا پوءِ صارفين کي خوش آمديد چوڻ، سينيٽائزر سان هٿ ڌورائڻ ،دادان هوٽل ۾ 3 روبوٽن کان ڪم ورتو پيو وڃي جيڪي هر صارف کان ٽيبل تان آرڊر وٺي 20 سيڪنڊن تائين بيٺل هوندو ۽ پوءِ آرڊر پورو ڪرڻ کان پوءِ واپس هليو ويندو آهي.

ايستائين جو  لاڳاپيل هوٽلن ۾ عورت ۽ مردن جي لاءِ ڌار ڌار روبوٽن کي مقرر ڪيو ويو آهي. هن روبوٽ سروس کي هوٽل جا مالڪ ٽائمر ۽ ريموٽ سان هينڊل ڪري رهيا آهن جن جو چوڻ آهي ته اسان هن جو استعمال اهڙين حالتن ۾ ڪافي محفوظ سمجهون ٿا.