نوابشاھه: نيو سبزي منڊي جي رهواسي نئين مسلمان ٿيل نوجوان پاران سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي نه ڏيڻ خلاف احتجاج

news

نوابشاھه: نيو سبزي منڊي جو رهواسي نئون مسلمان ٿيل عبدالرحمان شيخ نوابشاهه پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته 27 فيبروري 2016 تي آئون مسلمان ٿيو آهيان ۽ منهنجا والدين هندو مذهب سان تعلق رکن ٿا ۽ اهي اسلام ڪوٽ جا رهواسي آهن.

هن چيو ته هينئر آئون 20 ورهين جو ٿي ويو آهيان، مونکي نادرا وارا شناختي ڪارڊ ٺاهي نٿا ڏين، اهي چون ٿا ته پنهنجي ماءُ پيءِ جي شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي کڻي اچ.

هن چيو ته منهنجي مسلمان ٿيڻ تي منهنجا والدين ناراض آهن، مون کي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي نٿا ڏين. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مون کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنو وڃي.