سنڌ اندر ڪڻڪ جي بحران ۾ شدت، اٽي جي اگهه ۾ اضافو

news

ڪراچي: سنڌ ۾ مضبوط پرائس ڪنٽرول حڪمت عملي جي غيرموجودگي ۽ ڪڻڪ جي بحران جي نتيجي ۾ فلور ملن ۾ ڪڻڪ جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي جڏهن ته اٽي جي اگهن ۾ اضافو ٿي ويو.

فلور مل مالڪن گذريل ڏينهن اٽي جي اگهن ۾ في ڪلو 2 روپيا اضافو ڪري ڇڏيو جڏهن ته ان کان صرف ٻه ڏينهن اڳ ئي 3 ڪلو اٽي تي هڪ روپيو اضافو ڪيو ويو هو.

فلور مل مالڪن موجب 2.5 نمبر اٽي جي اگهه ۾ في ڪلو 46 روپين کان 48 روپيا جڏهن ته فائن ۽ سپر فائن اٽو(ميدو) جو اگهه في ڪلو52.50 روپيا هو.

نون اگهن موجب 10 ڪلو اٽي جو اگهه 465 روپين بجاءِ 485 روپيا مقرر ڪيو ويو آهي.