فيصل آباد ڪورونا وائرس سبب متاثر شهرن مان ڏهين کان ٽئين نمبر تي اچي ويو

news

فيصل آباد: (ڇنڇر 06 جون 2020ع) ڪورونا وائرس جا وار فيصل آباد ۾ تيزي سان وڌڻ لڳا. شهرين پاران احتياط نه ڪرڻ سبب فيصل آباد پاڪستان ۾ وائرس  سبب متاثر  شهرن مان ڏهين مان ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي. ضلعي انتظاميه حڪومتي ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙن جي خلاف سخت ايڪشن کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب ڪورونا وبا فيصل آباد ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. وائرس سبب هينئر تائين 2000 کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن جڏهن ته 50 کان وڌيڪ فوتگيون به ٿي چڪيون آهن. طبي ماهرن موجب رپورٽ نه ٿيندڙ متاثر شهرين جو انگ به هزارن ۾ آهي. ضلعي انتظاميه پاڪ فوج ۽ پنجاب پوليس جي مدد سان ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ حفاطٽي قدم نه کڻندڙن جي خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن.

گهنٽه گهر کان لاڳاپيل بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ 300 کان وڌيڪ دڪانون سڙي ويون آهن. ان کان علاوه پوليس جڳهه جڳهه تي ناڪه بندي ڪري ڇڏي آهي جتي فيس ماسڪ نه پائيندڙن مٿان ڏنڊ  لاڳو ڪرڻ سان گڏ مختلف سزائون ڏنيون پيون وڃن.

فيصل آباد جي ڊپٽي ڪمشنر چيو آهي ته وبا کي اڃان تائين ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته صورتحال اٽلي ۽ آمريڪا جيان خراب ٿيڻ جو امڪان آهي. شهري  ۽ واپاري ذميواري جو مظاهرو ڪن.