گهوٽڪي ۾ وڌيڪ پنجاهه ڪيس ظاهر، ڪل انگ ست سئو پنڌرنهن ٿي ويو، ٻه سئو اٺاسي صحتياب

news

گهوٽڪي (رپورٽ: فرمان علي سومرو) ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميه پاران جاري نمونا وٺڻ واري مهم تحت ضلعي جي مختلف علائقن مان 235 ماڻهن جا نمونا ورتا ويا هئا جن جي نتيجن تحت 46 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي ۽ 189 ڄڻن کي ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته 4 ماڻهن نجي ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرائي هئي جن ۾ پڻ وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي. اهڙي ريت ضلعي ۾ مجموعي طور تي 50 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. 

ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته وائرس سبب متاثر ٿيل 50 ڄڻن مان 7 تعلقي گهوٽڪي، 13 ميرپور ماٿيلو، 5 خانڳڙه, 13  ڏهرڪي ۽ 12  تعلقي اوٻاوڙو جا رهواسي آهن اهڙي ريت هن وقت تعلقي گهوٽڪي ۾ ڪل مريضن جو تعداد 137، ميرپور ماٿيلو ۾ 105، اوٻاوڙو ۾ 78، ڏهرڪي ۾ 63 ۽ خانڳڙهه ۾ 41 ٿي ويو آهي.

  ياد رهي ته ضلعي گهوٽڪي ۾ هن مهل تائين ڪورونا وائرس جا 715 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان 288 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا ۽ 3 فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 424 علاج هيٺ آهن.