ضلعي شهيد بينظير آباد جي مختلف شهرن مان پنجويهه ماڻھن جي ٽيسٽ پازيٽيو آئي، انگ وڌي ٻه سئو ٽيهه ٿي ويو

news

نوابشاهه: ضلعي شهيد بينظير آباد جي مختلف شهرن مان ورتل اٽڪل 100 ماڻهن جي ڪورونا ٽيسٽ ورتي وئي، جنهن مان 25 ماڻھن جي ٽيسٽ پازيٽيو آئي آهي.

هاڻي نوابشاهه شهر ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي 230 ٿي ويو آهي، انھي سلسلي ۾ شاهپور جھانيان، قاضي احمد، سڪرنڊ ۽ نوابشاهه مان اٽڪل 100 ماڻهن جون ٽيسٽون ورتيون ويون، جن مان 25 ماڻهن جون ڪورونا وائرس جون ٽيسٽون پازيٽيو آيون آهن ۽ انهن کي پنھنجن پنھنجن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي نوابشاهه ۾ ڪورونا وائرس جي پازيٽو مريضن جو انگ 230 ٿي ويو آهي.