ايس او پيز جي ڀڃڪڙي: پوليس پاران شهرين مٿان اليڪٽرڪ شاڪ اسٽڪ جو استعمال

news

فيصل آباد: (آچر 07 جون 2020ع)  فيصل آباد ۾ پوليس اهلڪارن طرفان ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ شهرين تي اليڪٽرڪ شاڪ اسٽڪ جو استعمال ڪيو ويو.

رپورٽ موجب فيصل آباد ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي پوليس اهلڪارن شهرين جي خلاف اليڪٽرڪ شاڪ اسٽڪ جو استعمال ڪيو.

پوليس اهلڪارن طرفان شهرين کي ماسڪ استعمال نه ڪرڻ تي بجلي جا جهٽڪا ڏنا ويا ۽ سزا جي طور تي ڀت طرف منهن ڪري بيهاريو ويو.

ڊپٽي ڪمشنر واقعي جو نوٽيس وٺندي اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.