اڏيرولال ۾ بدامني ختم نه ٿي، هٿياربندن طرفان همراهه کان ڦر جي ڪوشش

news

اوڏيرولال اسٽيشن(رپورٽ:حافظ امتياز علي چنا) سروري جماعت ۽ نوبت مري جي رهواسي محمد نواز عرف بابو خاصخيلي جيڪو ڪراچي کان پنهنجي ڳوٺ اچي رهيو هو ته اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته محمد نواز عرف بابو خاصخيلي ڏوهارين کي ڏسي گاڏي نه روڪي، جنهن بعد هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، معجزاڻه طور تي نواز خاصخيلي هٿياربندن جي فائرنگ کان محفوظ رهيو. 

اهڙو اطلاع اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او منظور لکي کي ڏنو ويو پر هو واقعي واري هنڌ نه پهتو.

 ياد رهي ته اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهاري سرگرميون عروج تي پهچي چڪيون آهن پر ان جي باوجود ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو پوليس کان ڪو به پڇاڻو نٿو ڪري. 

هتان جي سياسي، سماجي ۽ علائقي جي زمينداري طبقي سان واسطو رکندڙن آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته ڏوهارين جي ساٿاري ايس ايڇ او منظور لکي کي فوري طور معطل ڪري ٻيو ايس ايڇ او مقرر ڪيو وڃي.