مورو ۾ ڪوڙن ڊوميسائلن خلاف پ پ پ جي جهوني جيالي جو احتجاج

news

مورو(رپورٽ: وحيد مستوئي)مورو م جعلي ڊوميسائلن خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي جي جھوني جيالي نثار احمد  ميمڻ پارن ھٿ م پلي ڪارڊ کڻي مورو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج ڪندي ھن چيو تہ سنڌ م ڌارين جا ڊوميسائيل ٺاهڻ بند ڪري بوگس ڊوميسائيلن تي حاصل ڪيل نوڪريون ۽ داخلائون رد ڪيون وڃن ۽ سنڌ جي نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي جيڪو انھن جو حق آھي باقي ٻاھرين صوبن جي ماڻھن کي ڊوميسائل ڏيڻ سنڌ جي پڙھيل لکيل نوجوانن جي مستقبل سان مذاق آھي جيڪو عمل ھرگز برداشت نہ ڪيو ويندو.